اسلام آبادپاڪستانعالمي

ٻوڏ جي صورتحال تي افسوس ڪرڻ تي نريندر مودي جي مهرباني:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن بابت افسوس جو اظهار ڪرڻ تي ڀارتي هم منصب نريندر موري جو شڪريو ادا ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارتي وزيراعظم جو شڪر گذار آهيان جنهن ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جو عوام انشاءَ الله قدرتي آفتن جي ناڪاري اثرن تي قابو پائي پنهنجي زندگين ۽ معاشرن کي نئين سر تعمير ڪندو. ان کان علاوه شهباز شريف ڏکئي وقت ۾ سهڪار ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي برطانوي، ڪينيڊين وزيراعظم ۽ آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو هو. نريندر مودي ٻوڏ متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۾ جلد سڀ ڪجهه معمول تي اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button