سنڌ

ڪراچي کي سڄي ملڪ سان جوڙيندڙ فقط هڪ رستو کليل، ٻين تي پاڻي ئي پاڻي

ڪراچي کي سڄي ملڪ سان ملائيندڙ روڊن مان هن وقت رڳو هڪ زميني رستو کليل آهي، جڏهن ته سنڌ جا ٻيا ڪيترائي مکيه روڊ ٻوڏ سبب پاڻي هيٺ آيل آهن. نيشنل هاءِ وي 8 ڏينهن کان بند آهي ۽ انڊس هاءِ وي تي مختلف هنڌن وٽ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته ريل گاڏين جي اچ وڃ پڻ معطل آهي. موٽر وي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان سڄي ملڪ تائين وڃڻ لا اين-5 ها وي روڊ استعمال ڪيو وڃي. مليل ڄاڻ موجب برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان سنڌ صوبي ۾ ٿيو آهي، جتي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ميسارجي ويا آهن، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب سنڌ ۾ هيل تائين 31 لک ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button