پاڪستان

اسان کي پنهنجي زراعت،روڊ،روزگار ۽ معيشت بحال ڪرڻي آهي:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي سفارتڪارن کي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪرائي تاريخي نقصان اکين سامهون ڏيکاري ڇڏيو، بلاول چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي مدد لا ڪيل اپيل جو وڏو اثر ٿيندو، پرڏيهي سفارتڪار به اکين ڏٺو حال پنهنجي ملڪ وڃي ٻڌائن ۽ بهتر رپورٽ ڏين ته جيئن اسان کي مدد ملي سگهي، اسان کي پنهنجي زراعت، روڊن جو نيٽ ورڪ، ماڻهن جو روزگار ۽ معيشت بحال ڪرڻي آهي. تفصيل موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو برساتن سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي حوالي سان سکر ايئرپورٽ جي وي وي آءِ پي لائونچ ۾ عالمي ڊونر ايجنسين ۽ سفيرن سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه، احسن اقبال، چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت، اين ڊي ايم اي ميمبر ميجر جنرل احسن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پرڏيهي سفارتڪار ۽ ڊونر ايجنسين جا 3 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته برساتن سبب سڄو پاڪستان گهڻو متاثر ٿيو آهي، سنڌ ۾ تيز برساتن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جولاءِ ۾ 308 سيڪڙو وڌيڪ ۽ آگسٽ ۾ 784 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. گڊو ۽ سکر بئراجن تي وڏي ٻوڏ سبب پاڻي جي نيڪال جو عمل سٺي نموني ڪم نه پيو ڪري. هن چيو ته هي واحد ٻوڏ آهي جنهن ۾ ڪچا ۽ پڪا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هن چيو ته صوبي ۾ هارين جا 335441 ملين رپين جا بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. برساتن سبب سڄي صوبي ۾ روڊن جو وڏو ڄار تباهه ٿيو آهي جنهن جي ٻيهر تعمير تي 860 ملين رپيا لاڳت ايندي. اسان کي زراعت، روڊن جو نيٽ ورڪ، ماڻهن جي روزگار ۽ معيشت کي بحال ڪرڻو آهي، زرعي زمينن جي بحالي لاءِ زرعي مشينري جي سخت ضرورت پوندي. هن چيو ته هينئر اسان ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، ان کان بعد ۾ بحالي ۽ آبادڪاري جي مرحلي ۾ وينداسين، اڳتي هلي نقصان جو ڪاٿو 10 ارب ڊالر کان وڌي به سگهي ٿو، تنهن ڪري اسان کي بحالي ۽ ٻيهر آبادڪاري جي مرحلي ۾ اصل جائزو وٺي ان مطابق ڪم ڪرڻو پوندو، جن علائقن مان پاڻي نڪري چڪو آهي اتي نقصانن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو، اسان کي خدشو آهي ته هن ڀيري 2010ع واري 10 ارب ڊالر ماليت نقصان وارن انگن اکرن کان به وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو، هن وقت اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته جيڪي ماڻهو ڦاٿل آهن، انهن کي ريسڪيو فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کان پو رليف جو مرحلو آهي. اجلاس ۾ ترڪمانستان جو سفير عطا جان ملاموف، بحرين جو سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقدير، سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي، آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، جرمني جو سفير الفريڊ گراناس، ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر مس وينڊي گيلمور، اسپين جو سفير جوسي انتونيوڊي اوري پيرال، ڏکڻ ڪوريا جو سفير سوا سنگپيو، چين جو سفير نانگ رونگ، يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، ڊپٽي هيڊ آف مشن ايران محمد سورخبي، قطر جو ڊپٽي هيڊ آف مشن ناصر حسين السوويدي، هيڊ آف مشن جاپان ايٽوٽاڪيشي، چارج ڊي افيئرز اٽلي ايمبيسي مسٽر رابرٽو نيڪيا، ڊيفنس اٽاشي فرانس مسٽر جيڪي بوڊيسڪ، ڊپٽي هيڊ آف مشن ترڪي مس ايرا، گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جو نمائندو ڊاڪٽر دختيار قادروف، گڏيل قومن جي ٻارن لاءِ فنڊ (يونيسيف) جو عبدالله اي فاڊيل، مشن ڊائريڪٽر يو ايس ايڊ مسٽر ريڊ جي ايسچليمن، ڊي ايڇ اي ريجنل هيومنٽيرين يو ايس اي باربرا لين ڊانچڪ ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف مائيگريشن ميوساتيو اوگچي ڊانيئلز پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button