سنڌ

سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي ايندڙ 8 ڏينهن مٿانهين ٻوڏ جو خطرو

پاڻي ماهرن ايندڙ 8 ڏينهن تائين سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ڪابل درياهه ۽ سنڌو جو گڏيل طور 6 لک ڪيوسڪ جو وڏو وهڪرو تونسا وٽان گڊو بئراج ڏانهن وڌڻ لڳو آهي. جتي پاڻي جو وهڪرو 5 لک 19 هزار ڪيوسڪ کان به وڌيڪ آهي ۽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، اهو وهڪرو تونسا بئراج کان ٿي گڊو بئراج ڏانهن 6 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهي ٿو، پاڻي ماهرن مطابق سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ايندڙ 8 ڏينهن تائين مٿانهين سطح جي ٻوڏ جي گهيري ۾ رهندا. ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن مطابق گڊو ۽ سکر بئراج وٽ هن وقت مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي گڊو بئراج وٽ وهڪرا وڌي 5 لک 21 هزار 645 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن ۽ سکر بئراج وٽ وهڪرا 5 لک 29 هزار 817 ڪيوسڪ تي بيٺل آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ به وچولي ٻوڏ برقرار آهي، جتي وهڪرا وڌي 3 لک 87 هزار 992 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن. هوڏانهن ِِآخري اطلاعن تائين سنڌو درياهه ۾ تونسا وٽ وهڪرا 6 لک 6 هزار 313 ڪيوسڪ، گڊو بئراج تي 5 لک 21 هزار 645 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ 5 لک 29 هزار 817 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي وهڪرا 3 لک 95 هزار 215 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button