پاڪستان

ٻوڏ 6 لک ڳورهاري عورتن کي به دربدر ڪري ڇڏيو

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ لڳ ڀڳ 6 لک عورتون ڳورهاريون هجڻ جو پتو پيو آهي، جن مان 73 هزار عورتون هلندڙ مهيني ٻار کي جنم ڏينديون، تنهن ڪري انهن کي خاص توجه ۽ سار سنڀال جي ضرورت آهي. آبادي بابت گڏيل قومن جي فنڊ خبردار ڪيو آهي ته ڪيتريون ئي عورتون ۽ ڇوڪريون صنفي بنياد تي تشدد وارن واقعن جي خطري هيٺ آهن، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ ۾ لڳ ڀڳ 10 لک گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته هلندڙ مهيني 73 هزار عورتون امڪاني طور ٻار کي جنم ڏيڻ واريون آهن ۽ هزارين ٻار اهڙا هوندا جيڪي پنهنجي گهرن کان ٻاهر ڪنهن ڪئمپ ۾ اک کوليندا، اهڙي صورتحال ۾ ڳورهاري عورتن لا ماهر دائي، نون ڄاول ٻارن جي سنڀال ۽ مدد جي ضرورت پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button