سنڌ

لاڙڪاڻي مان معصوم نينگر گم، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني جي رهواسي پورهيت نوجوان پراسرار نموني گم ٿيل 7 ورهين جي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ سندس تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان بابر علي چانڊيو دانهيو ته منهنجو 7 ورهين جو معصوم ڀاءُ زين علي پٽ ممتاز چانڊيو صبح جو گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو آهي، جنهن کي مٽن مائٽن سميت مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي رحمت پور ٿاڻي پوليس کي اطلاع ڏنو پر هن وقت تائين ڀاءُ جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، ڀاءُ جي گم ٿيڻ بعد سمورا گهرڀاتي سخت پريشان آهيون ۽ گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button