سنڌ

لاڙڪاڻي رليف ڪئمپ ۾ ترسيل پيرسن جو پاروٿو ڀت کڻي احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو جي ڳوٺ سانول واسي برسات متاثر پيرسن سماجي ڪارڪن غير معياري کاڌو ڏيڻ خلاف ھٿ ۾ پاروٿو ڀت کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن سماجي ڪارڪن محمد صديق جروار دانهيو ته برساتن سبب اسان جا گهر ڊهي پيا ۽ ڪيترو ئي جاني توڙي مالي نقصان ٿيوو جنهن کانپوءِ اسان پنهنجا گهر، الهه تلهه، مال متاءُ ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي جان بچائي لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ عارضي رهائش اختيار ڪئي آهي پر اتي اسان کي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن، ويتر رات وارو کاڌو صبح ۽ صبح وارو کاڌو رات جي وقت ڏئي اسان جي صحت سان کيڏي پيو وڃي. ان سان معصوم ٻارڙن سميت عورتون ۽ مرد پيٽ جي سور، الٽي، دست ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته معياري کاڌو ڏئي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button