سنڌ

لاڙڪاڻي جي رليف ڪئمپ مان ميرو خان واسي ٻه ٻارڙا گم

لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل رليف ڪئمپ ۾ رهائش اختيار ڪندڙ برسات متاثر نينگر پنهنجي سئوٽ سان گڏجي پراسرار نموني گم ٿيل ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نينگر هزار خان لهر پنهنجي سئوٽ محمد بخش لهر سان گڏجي دانهيو ته اسان اصل ميرو خان ويجهو ڳوٺ شاهه جو لئو جا رهواسي آهيون. تازو پيل برساتن سبب لڏپلاڻ ڪري گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جي رليف ڪئمپ ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ صبح جو منهنجي 8 ورهين جي معصوم ڀيڻ نائلا ۽ ڀاڻيجو معظم لهر گهر جو سودو وٺڻ لاءِ ٻاهر ويا، جيڪي هن وقت تائين موٽي واپس ناهن آيا، جن جي ڳولا شهر جي مختلف هنڌن تي ڪرڻ سان گڏ اهڙو اطلاع حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي پڻ ڏنو آهي، پر تنهن باوجود ٻنهي ٻارن جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته ٻارڙن جي گم ٿيڻ کان پوءِ اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشان ٿي ويا آهيون ۽ منهنجي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. هن ضلعي لاڙڪاڻي انتظاميه سميت پوليس عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گم ٿي ويل ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي هٿ ڪري اسان حوالي ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button