سنڌ

قمبر جي مختلف ڪالونين ۾ پاڻي بيٺل، بيماريون پکڙجي ويون

قمبر شهر جي ڪيترن ئي ڪالونين جي گهٽين ۽ گهرن ۾ 2 کان 3 فوٽ پاڻي بيٺل آهي. ڪجهه بچي ويل گهر پاڻي بيهڻ ڪري ڀتين ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا، ڪيترا ڪمزور گهر ڊهڻ جو انديشو وڌي ويو آهي. شهر جي علي خان محلي، چچا ڪالوني، مستوئي محلو، نئون ڳوٺ، باگوديرو، حسين آباد، فيصل ڪالوني شيخ محلي، نئون شالا سميت ڪيترن ئي محلن ۾ گندگي ۽ گندي پاڻي سبب مختلف بيمارين گيسٽرو، مليريا، خارش منهن ڪڍيو آهي. ميونسپل انتظاميا صفائي کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي اڻھوند سبب مسڪين غريب علاج ڪرائڻ لاءِ سخت پريشان آهن. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثرن جي واهر اٽي ۾ لوڻ برابر ڪندي کين پٽاٽن ۾ هڪ ويلي جو ڀَتُ ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪري رهي آهي. جڏهن ته متاثرن جو چوڻ هو ته اسان کي رليف ڪئمپن ۽ روڊن تي ڪا بنيادي سهولت مليل ناهي، عملدار آفيسر سکڻا آسرا ڏئي هليا وڃن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button