سنڌ

ڳڙهي حسن ويجهو متاثر جي ٻارڙن سميت آپگهات جي ڪوشش

ڳڙهي حسن ويجهو ٻوڏ متاثرن امداد ۽ خيما نه ملڻ تان ڳوٺاڻي پاڻ کي ٻچڙن سميت باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. يوسي مددپور جي ڳوٺ عطا محمد سرڪي جي رهواسي غلام رسول مائري دانهيندي چيو آهي ته اسان کليل آسمان هيٺان نٽهڻ اس ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهيان منهنجا معصوم ٻارڙا اس جي تپش ۽ بک وگهي مري رهيا آهن، اسان جي هن وقت تائين ڪنهن به مدد ناهي ڪئي. انتظاميا به صرف آسرا ڏيئي رهي آهي پر اڃا تائين نه ٽينٽ مليو آهي ۽ نه ئي وري ڪو راشن ڏنو ويو آهي. هن چيو ته صوبائي وزير اعجاز خان جکراڻي ۽ يوسي مددپور جي چيئرمين صرف اعلان ڪيو آهي پر اڃا تائين ڪو سهڪار ناهي ڪيو ويو، انتظاميا نوٽيس وٺي واهر نه ڪئي ته معصوم ٻچڙن سميت آپگهات ڪري ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button