سنڌ

باقراڻي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

باقراڻي تعلقي جي سوين گهر ڊهي پٽ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. باقراڻي جي يونين ڪائونسل مهر وڏا جي ڳوٺ پير راجن شاھه جي برسات متاثرن سرڪار پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.، ان موقعي تي متاثر عابد حسين تنيو، سليم تنيو، مشتاق تنيو، محراب منگي، محرم منگي، نيڪ محمد جتوئي، مٺل جتوئي، صادق شيخ، علي ڏنو شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڳوٺ پير راجن شاهه ۾ فصل ٻڏي ويا ۽ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر اڃان تائين ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا نه لڙي آيا آهن نه خيما ڏنا نه کاڌ خوراڪ جو ڪو بندو بست ڪيو ويو آهي نه وري ڪا واهر ٿي آهي. هنن چيو ته 15 ڏينهن گذري ويا، اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور، بي يارو مددگار اذيتون گھارڻ تي مجبور آهيون. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن توڙي وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button