سنڌ

ڏوڪري جي رليف ڪئمپن ۾ ويٺل برسات متاثرن جو احتجاج

ڏوڪري جي بوائز هاءِ اسڪول، گرلس اسڪول، بابل خان جروار پرائمري اسڪول، جوڻيجا امام بارگاهه سميت مختلف سرڪاري بلڊنگ ۾ قائم ريليف ڪئمپ تي انتظاميا پاران کاڌو پيتو نه ملڻ سبب ڪئمپ ۾ رهندڙ 95 متاثرن جا معصوم ٻار بکن ۾ بي حال ٿي ويا. متاثرن علي گل، غلام محمد، نصير احمد، گل حسن، اربيلو، غلام حسين، گلبهار علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گهر ڪرڻ سبب بي گهر ٿي ويا آھيون اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آھي، ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪئمپ ۾ ويٺا آھيون پر اسان کي انتظاميا بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي، اسان جا معصوم ٻچڙا بکن ۾ بي حال ٿي ويا آھن. ان موقعي تي متاثرن جي معصوم ٻارن بک سبب دانهون ڪندي چيو ته اسان کي ماني، راشن، ٽينٽ سميت ٻيون سهولتون ڏيو نه ته اسان بکن ۾ مري وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button