سنڌ

ڏوڪري شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 ۾ هڪ هفتي کان برسات جو پاڻي بيهڻ خلاف علائقي واسين مجاهد حسين جوڻيجو، ساجد علي ميراڻي، صنم کوکر، گلزار احمد جوڻيجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 اندر هڪ هفتي کان برساتن بعد نالين ڊرينيج جو پاڻي جمع آهي، جنهن جي نيڪالي جي سسٽم ۾ حڪومت سنڌ توڙي ٽائون ڪاميٽي انتظاميا سهڪار نه ڪري رهي آهي. سوين علائقي واسي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، گندي ڊرينيج نالين جي پاڻي جي بدبودار ماحول ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن ۽ پوري آبادي وڏي پاڻي بيهڻ ڪري گهرن کان نڪري نٿي سگهي، جنهن ڪري هزارين ماڻهو پنهنجن گهرن تائين محدود آهن. شهرين مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي نه ته شهري احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊن رستن تي نڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button