سنڌ

منڇر ڍنڍ يا ايم اين وي ڊرين کي ڪوبه ڪٽ نه پيا ڏيون:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منڇر ڍنڍ يا ايم اين وي ڊرين کي ڪوبه ڪٽ نه پيا ڏيون، افواهن تي توجهه نه ڏيو. دادو شهر کي به بچائينداسين، ائين ناهي ته هڪڙا ٻڏل آهن ته ٻيا به ٻڏي وڃن. ايم اين وي ڊرين ۽ منڇر جي بندن جو پاڻ معائنو ڪيو آهي. انجنيئرز به گڏ هئا، منڇر جا بند مضبوط آهن. هن اهڙو اظهار منڇر ڍنڍ جو دورو ڪرڻ بعد شهباز ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان جي توجهه پاڻي ڪڍڻ ۽ ريسڪيو تي آهي. پاڪ آرمي، پاڪ نيوي، پي ڊي ايم اي به سنڌ حڪومت سان ملي ڪم ڪن پيا. رليف لا يوٽيليٽي اسٽورز کي ساڍا 3 لک بيگز جو آرڊر ڏنو آهي، ڪوشش آهي ته راشن هر گهر تائين پهچي. وڏي وزير چيو ته اڃا ايمرجنسي ختم ناهي ٿي. اسان کي ٽينٽ نه پيا ملن، جيڪڏهن ڪنهن کي ٽينٽ ملن ٿا ته اسان کي ڏئي، اسان ان کي پئسا ڏينداسين. صحت کاتو بيمارين کان بچا لا اسپري ڪري پيو. وزيراعلى سنڌ مرادعلي شاه وڌيڪ چيو تہ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي لاء بعد ۾ ڪم شروع ڪنداسين، جن جا گهر ڊٺا آهن انهن جي سروي ڪري مدد ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button