پاڪستانسنڌ

خيرپور ڀرسان برسات متاثر ڪيمپ ۾ گيسٽرو وگهي 2 نينگر فوت

خيرپور: خيرپور ڀرسان ڳوٺ نور احمد جاگيراڻي ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپ ۾ گيسٽرو سبب 6 ورهين جو شاهزيب ۽ 14 ورهين جي شازيا فوت ٿي وئي. جڏهن ته خيرپور جي مختلف اسپتالن ۾ گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتال داخل ڪيا ويا آهن. ايم ايس سول اسپتال خيرپور ڊاڪٽر زاهده سومرو ٻڌايو ته اسپتالن ۾ ايندڙ ٻارن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ڪري رهيا آهيون، مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button