پاڪستانسنڌ

وقت سر ڪارروائين سبب سوين ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي ويا آهن: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ تازين برساتن ۽ ٻوڏ بابت حيدرآباد لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انتظاميا جي وقت سر ڪارروائين سبب سوين ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي ويا آهن ۽ هو برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال جي خبر رکي ٿو، جڏهن ته هو برسات متاثر علائقن جا مسلسل دورا ڪري رهيو آهي ۽ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ڪالهه راهوڪي ۽ هوسڙي شاخ جي مختلف متاثر ٿيل ڳوٺن جو دورو ڪرڻ دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي هن چيو ته راهوڪي شاخ جي ساڄي پاسي جو بند گهڻو ڪمزور آهي، جنهن سبب ان ۾ گهارو پيو، جنهن کي پاڻ پهچي فوري طور تي بند ڪرايو ۽ متاثر ٿيل ڳوٺن جي بحالي لاءِ فوري قدم کنيا. صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن سبب سموري سنڌ متاثر ٿي آهي، جڏهن ته متاثرن جي پرگهور لهڻ لاءِ سرڪار پاران هنگامي قدم کنيا پيا وڃن.

صوبائي وزير گورنمينٽ اسڪول ٽنڊوحيدر ۾ قائم رليف ڪيمپ جتي 72 خاندان جا 292 ماڻهو ۽ 102 ٻار ترسيل آهن کان کاڌ خوراڪ ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان معلومات ورتي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ قائم ريلف ڪيمپ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد مان پاڻي جي نيڪال لاءِ جوڳو انتظام نه آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي شاخن جي بندن جي سطح کي 2-2 فوٽ وڌايو ويو آهي ۽ هاڻي ڳوٺاڻا پريشان نه ٿين سرڪار سندن ڏکي گهڙي ۾ هر وقت ساڻن گڏ هوندي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جوهي، ڪي اين شاهه، سعيدآباد ۽ نوشهروفيروز جي صورتحال تمام خراب آهي. سنڌ ڪابينا جا وزير ۽ ٻيا ميمبر تمام متاثر ٿيل هنڌن جي نگراني ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته پ پ جي پوري ليڊرشپ هر هڪ شئي جي پاڻ نگراني ڪري رهي آهي، جڏهن ته عمران خان جا ماڻهو هن وقت به فتنو پکيڙي رهيا آهن، ٻوڏ واري صورتحال ۾ به پي ٽي آئي جا ماڻهو ڪوڙيون خبرون هلائي رهيا آهن، اسان ان حوالي سان ايف آئي اي سان به رابطو ڪيو آهي. پي ٽي آئي جي اها روش رهي آهي ته سرڪار کي بدنام ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي سٺو ڪم ٿئي ته ان جي منفي پروپيگينڊا ڪئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته هن وقت پورو پاڪستان هڪ آواز آهي، پاڪ فوج، نيوي ۽ حڪومتي ادارا متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت تائين سنڌ جا 23 ضلعا تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي زميني رستو ڪٽجي ويو آهي. هن چيو ته پارٽي ليڊر بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڪلاڪ ۾ 1 کرب 30 ارب روپين جي امداد ملڪ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button