پاڪستان

خيبر پختونخوا ۾ 10 ارب رپين جو اعلان، آفت قدرتي هئي پر نقصان ”مين ميڊ“ آهي:وزيراعظم

وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي 25- 25 هزار رپيا في ڪٽنب ڏيڻ لا وفاق طرفان 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي. شهباز شريف چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي قدرتي آفت ضرور هئي پر ناقص انساني منصوبابندي سبب اهو نقصان “مين ميڊ” آهي، علائقن ۾ ڦاٿل سمورن سياحن کي خميس تائين ڪڍي وٺنداسين، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان ملڪ ڏيوالي جي خطري مان نڪري ويو، الله ڪري پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي. هن اهڙو اظهار خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري دوران ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته دريائن جي اندر هوٽل ۽ پاڻي ۾ غلط نموني تعمير ڪيل پليون به ڊهي پيون، گهرن کي نقصان پهتو، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، چونڊيل نمائندا، انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي ڏينهن رات مدد ڪري رهي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته خميس تائين هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍيو ويندو، هتي جيڪا تباهي آئي، اها درياءَ ڀرجي وڃڻ ڪري آئي آهي، توانائي وارو وفاقي وزير هن وقت سنڌ ۽ سيڪريٽري بلوچستان ۾ آهي. ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي ڀرپور انداز ۾ فعال آهن، وفاقي حڪومت 28 ارب رپيا اين ڊي ايم اي ۽ انڪم سپورٽ ذريعي ڏئي رهي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 25 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان ورهايا پيا وڃن، ٻنهي صوبن ۾ نقصان ان کان به وڌيڪ آهي ۽ وڌيڪ رقم فراهم ڪنداسين، باقي صوبن ۾ به رقم جي فراهمي شروع ڪري رهيا آهيون. فوتين جي پونئيرن کي 10 لک ۽ زخمين کي 3 لک رپيا ڏئي رهيا آهيون، ان رقم سان وڇڙي ويلن جي نقصان جو ازالو ته نٿو ٿي سگهي پر حڪومت جو اهو فرض آهي ۽ اسان فرض نڀائي رهيا آهيون. فصلن جي نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن خيبرپختونخوا لاءِ ڏهه ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اين ڊي ايم اي سان گڏجي اها رقم متاثرن ۾ ورهائي ويندي، اسان جي اتحادي حڪومت آهي، اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون، رقم جي ورڇ واري عمل ۽ امدادي ڪم جي مان پاڻ نگراني ڪندس، اهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي، اسان جا دوست ملڪ به مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترڪي ۽ يو اي اي مان سامان موڪليو پيو وڃي، امدادي سامان اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ذريعي ورهايو پيو وڃي، ملندڙ امداد امين بڻجي متاثرن تائين پهچائينداسين. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورائتا آهيون، جنهن پرڏيهي وزارت جي اپيل تي 160 ملين ڊالر جو پروگرام بڻايو آهي. عالمي ادارا ۽ ڊونر به پنهنجو حصو وجهندا. انهن کي يقين ڏياريو آهي ته اهو پئسو شفاف انداز ۾ مستحقن تائين پهچائينداسين. هن چيو ته پورو يقين آهي ته اتحادي حڪومت، صوبائي حڪومتون، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي ڏکويل ماڻهن کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪنداسين ۽ ڏينهن رات محنت ڪري اهو پئسو متاثرن تائين پهچائينداسين. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام جي منظوري سان پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو آهي، منهنجو قوم کي پيغام آهي ته الله ڪري اهو آءِ ايم ايف سان اسان جو آخري پروگرام هجي. ان کانپوءِ اسان همت ڪريون، محنت ڪريون ۽ پنهنجا وسيلا استعمال ۾ آڻيون، سڀ گڏجي پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو وڃايل مقام ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، هن چيو ته دير، اپر ڪوهستان ۽ شانگلا سميت ٻين علائقن جو جلد دورو ڪندس. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جو دورو ڪري ٻوڏ متاثرن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button