پاڪستانسنڌ

شھرن کي ٻوڙي لکين ماڻھو دربدر ڪيا ويا آھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي خيرپور ناٿن شاھه مان آيل ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽ معصوم ٻارڙن ۾ رانديڪا ۽ ٽافيون ورهايون. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ڪي اين شاھه کان آيل برسات متاثرن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ قدرتي آفت ناھي، سم نالن، واھن ۽ شاخن کي ڪٽ ھڻي ميرپورخاص، ڪي اين شاھه، وارھه، بدين ۽ بين شھرن کي ٻوڙي لکين ماڻھو دربدر ڪيا ويا آھن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪيا وڃن.

ھن وقت سنڌ ويٺي آهي، روڊن جي ڪنارن ۽ بدبودار پاڻي جي دٻن ڀرسان شاھوڪار سنڌ جا ماڻهو لاوارث بڻيل آهن، سنڌ حڪومت قدرتي آفت جو نالو ڏئي، پنهنجي انتظامي نااھلي ڪوتاهي کي بدنيتي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھي آھي، برسات متاثرن جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور آواز بلند ڪرڻ گهرجي، سڄي سنڌ ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ماجد عباسي، درشن سچن، خورشيد شيخ، طاهر ميمڻ. قدير بلوچ. لالا جاويد،آصف پالاري، معشوق چانڊيو، نذير بليدي، الطاف خاصخيلي بابو ميمڻ، آزاد ميرواھي. شوڪت سريوال ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button