اسلام آبادپاڪستان

عمران جو جواب غير تسلي بخش قرار،هفتي ۾ ٻيهر جواب ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪائڻ بابت توهين عدالت واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ستن ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عدالتي حڪم تي ذاتي حيثيت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. توهين عدالت واري ڪيس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ شنوائي ڪئي. ان دوران عمران خان جو وڪيل روسٽرم تي آيو، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان عمران خان جي وڪيل هئڻ سان گڏوگڏ عدالت جا مددگار پڻ آهيو. توهان جيڪو لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي، ان جي اميد نه هئي. عدالت کي اها اميد هئي ته توهان هيڏانهن اچڻ کان اڳ عدليا جو اعتماد وڌائيندئو. جسٽس اطهر من الله چيو ته هڪ سياسي پارٽي کي قانون ۽ آئين جي حڪمراني تي يقين رکڻ گهرجي. لکت واري جواب سان مون کي ذاتي طور تي ڏک پهتو، ماتحت عدليا جن حالتن مان گذري رهي آهي، هن ڪورٽ جي ڪاوشن سان جڊيشل ڪمپليڪس جڙي رهيو آهي. عمران خان اسان جي ڳالهه ٻڌي ۽ جڊيشل ڪمپليڪس ٺهي رهيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته عمران خان جي تمام گهڻي فين فالوونگ آهي، ان جهڙي ليڊر کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي. مان پراميد هئس ته کيس احساس ٿيندو ته غلطي ٿي وئي، جنهن نموني گذريل وقت واپس ناهي ورندو اهڙي طرح زبان مان نڪتل ڳالهه واپس ناهي ٿيندي. شنوائي دوران ايڊووڪيٽ جنرل جهانگير جدون عدالت ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو، جنهن عدالت کيس روڪيندي چيو ته هي معاملو مبينا توهين عدالت ڪندڙ ۽ عدليا جي وچ ۾ آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اڊيالا جيل ڪنهن جي ايڊ منسٽريٽو ڪنٽرول ۾ آهي؟ ڇا تشدد جي ننڍڙي شڪايت به هجي ته جيل اختياريون جوابدار کي بنا ميڊيڪل داخل ڪنديون آهن؟ هي پيٽيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڪڏهن اڪلائي وئي ۽ تقرير ڪڏهن ڪئي وئي؟ حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته پيٽيشن 22 هين آگسٽ کي اڪلائي وئي هئي ۽ تقرير 20 هين آگسٽ تي ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ هو، ان دوران تقرير ڪئي وئي. توهان توهين عدالت واري معاملي تي فروس عاشق اعواڻ واري ججمنٽ پڙهي هوندي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پيڪا آرڊيننس تحت ادارن تي تنقيد ڪندڙن کي ڇهه مهينا ضمانت به نه ملي ها. هن عدالت پيڪا آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏنو عدالت خلاف مهم هلائي وئي، عدالت تنقيد جي ڪڏهن به پرواهه ناهي ڪئي. سندس چوڻ هو ته عمران خان چيو ته عدالتون ٻارنهين وڳي ڇو کوليون ويون، هي عدالت ڪنهن به ڪمزور يا آئيني معاملي تي 24 ڪلاڪ کليل آهي. توهين عدالت وارو معاملو انتهائي سنگين آهي، جڏهن معاملو شنوائي هيٺ هجي ۽ وري اهو انصاف جي فراهمي جو معاملو هجي ته اهو اهم آهي. عمران خان عوامي جلسي ۾ چيو ته عدالت 12 هين وڳي ڇو کُلي، ڪنهن کي به اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته عدالت ڇو کُلي. جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کُلڻ ڪليئر پيغام هو ته 12 آڪٽوبر 1999ع ٻيهر نه ٿيندو، هر جج آئين جي هر لفظ کان سٺي نموني آگاهه آهي. عدالت کي رڳو آئين ۽ سول بالادستي کي مٿانهون ڪرڻو آهي، ڪو به ليڊر سول سپريميسي جي بالادستي جي ڳالهه نه پيو ڪري.سندس چوڻ هو ته عدالت جي مشڪل اها آهي ته سپريم ڪورٽ پهريان ئي فيصلا ڏئي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ دانيال عزيز، نهال هاشمي ۽ طلال چوڌري ڪيس ۾ فيصلا ڏئي ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سياسي ليڊر سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، منهنجي ۽ سپريم ڪورٽ جي فاضل جج جون تصويرون سياسي پارٽي جو سربراهه بڻائي وائرل ڪيون ويون، منهنجي نالي تي پرڏيهه ۾ فليٽ جي غلط معلومات فراهم ڪئي وئي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي ادارن پڻ غلطيون ڪيون پر توهان جو جمع ڪرايل جواب عمران خان جهڙي قد ڪاٺ واري ليڊر کي نٿو سونهي. عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته ڇا مان ڪجهه چئي سگهان ٿو؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ضرور، توهان ٻڌايو، سياسي پارٽيون پنهنجن فالوورز کي منع ناهن ڪنديون، هن عدالت ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ڪئي ته ڪير ڇا ٿو چوي. جسٽس اطهر من الله چيو ته سياسي ليڊرشپ سوشل ميڊيا کي خراب ڪيو آهي. حامد خان چيوته مون کي احساس آهي ته عدالت کي ان جواب ڏک پهتو آهي، جواب ۾ عام قانوني نڪتا اُٿاريا ويا آهن، مان في الحال انهن نڪتن تي نٿو ڳالهايان. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته حامد خان هي کليل عدالت آهي، هتي هر عمل شفاف ٿيندو آهي، اسان توهين عدالت جي ڪارروائي کي غلط طور تي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. جڏهن ته هي اظهار جي آزادي جو به معاملو آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته مان عدالت جو ڌيان لکت ۾ جمع ڪرايل جواب جي ڏهين صفحي ڏانهن ڏيارڻ چاهيان ٿو، مون درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هئڻ وارو نڪتو پڻ اُٿاريو آهي، عمران خان جو عورت جج بابت اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جيڪو به لکي ڏيڻو آهي سوچي سمجهي لکو، توهان هن معاملي جي سنگيني جو به اندازو لڳايو، توهين عدالت جي ڪارروائي اڄ ختم ٿي سگهي پئي، پر اهڙي قسم جي جواب سبب ائين نه ٿي سگهيو. جسٽس ميان گل حسن چيو ته توهان کي جواب داخل ڪرائڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏنو ويو آهي، توهان ان بابت سوچيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توهين عدالت ڪيس ۾ ستن ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.ان کان اڳ عمران خان جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ وڪيلن کانسواءِ ڪنهن به شخص کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي. جڏهن ته عمران خان چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ انصاف جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، حقيقي آزادي واري تحريڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. اسلام آباد ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته قومن جي زندگي ۾ اهڙو وقت به ايندو آهي جو ملڪ جي تقدير تبديل ٿي سگھي ٿي، اسان کي 75 ورهين ۾ پهريون ڀيرو هڪ موقعو مليو آهي جو اسان ملڪ کي حقيقي طور تي آزاد ڪري سگھون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف ۾ جدوجهد ٿي تنهن ڪري اسان غلامي نه قبولي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي حقيقي طور تي آزاد ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي حڪمران واري ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، وڏا چور چوري ڪن ٿا ۽ پوءِ بليڪ ميل ڪري اين آر او وٺن ٿا، چورن اچڻ سان ئي 1100 ارب رپين جو ڌاڙو هنيو، هنن اچڻ شرط ئي اسيمبلي مان ترميمون ڪرايون، قوم جا چوري ڪيل 1100 ارب رپيا معاف ڪرايا. هن چيو ته اسان هن ملڪ ۾ اهو قانون چاهيون ٿا جيڪو طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙو هجي، اهو نه ٿيڻ گھرجي ڪمزور جيل ۾ ۽ طاقتور انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه بيهي، انصاف ماڻهن کي آزاد ڪندو آهي، حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button