پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ۾ برسات متاثرن کي راشن ۽ خيما نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه سميت ضلعي مٽياري اندر برسات متاثرن کي راشن ۽ خيما نه ملڻ خلاف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنھل ساريو جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھه تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيھجي ويون ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته انتظاميه مٽياري ضلعي کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، من پسند ماڻھن کي سياسي بنيادن تي راشن ۽ خيما ڏنا ويا آھن، اصل متاثرن کي ڪجھه به نه مليو آھي، ڪروڙين روپيا ملڻ باوجود رليف ڪئمپن تي کاڌو بـه بند ڪيو ويو آھي، سنڌ حڪومت عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي، ڀٽ شاھه سميت سموري ضلعي اندر برسات متاثر بي يارو مددگار بڻيل آھن، ظلم جي انتھا آھي جو ڳوٺن ۾ برسات سبب سوين گھر ڊھي پيا آھن، ڪو عملدار انھن وٽ لڙي نه آيو آھي، ماڻھو ٻڏن پيا بک پيا مرن پر انتظاميه سياسي ۽ من پسند ماڻھن کي خوش ڪري رھي آھي.

هنن چيو ته سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن کي رليف ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي، جيستائٔين برسات متاثرن کي پنھنجو حق نٿو ملي اسان جو احتجاج جاري رھندو. احتجاج ۾ عبدالرشيد ڏيٿو، اياز سھتو، بادشاھه رند، عابد شاھاڻي، ھاشم شاھه، سلامت شاھاڻي، صابر شاھاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ به شامل ھئٔا. ڌرڻي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا مظاھر علي ٻرڙو، مختيارڪار ھالا نصراللھ چاوڙو ۽ ڊي ايس پي ھالا صغير مغيري پھچي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان ڳالھيون ڪري متاثرن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن بعد ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻي جو چتا ڏئي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button