شوبز

امان کي موٽروي تان 3 ڀيرا اغوا ڪيو ويو: يوٽيوبر زويا ناصر

ماڊل، اداڪاره ۽ يوٽيوبر زويا ناصر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ما کي 3 ڀيرا موٽروي تان اغوا ڪيو ويو آهي، کيس موٽروي تي سفر ڪرڻ ۾ ڊپ لڳندو آهي. زويا ناصر چيو ته سندس پي فلمون لکندو ۽ ٺاهيندو رهيو آهي، جڏهن ته سندس ما بيوٽي سيلون هلائيندي رهي آهي، جنهن جي ڪري کيس ننڍپڻ کان اداڪاري جو شوق هو پر گهرڀاتي اجازت نه ڏئي رهيا هئا. اداڪاره موجب والدين تعليم مڪمل ڪرڻ جو شرط هڻي اداڪاري جي اجازت دير سان ڏني، والدين جي خواهش هئي ته مان بيوٽي سيلون جي ڪاروبار کي ڏسان. زويا ناصر چيو ته جڏهن اداڪاري جي اجازت ملي ته ڪرونا سبب ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لڳي ويو ۽ هو لاهور ۾ اڪيلي ڦاسي پئي، ان دوران دوستن جي چوڻ تي يوٽيوب تي چينل کوليو، هن چيو ته سندس زندگي گهڻي ڀاڱي ڪراچي ۽ آمريڪا ۾ گذري، ان ڪري مادري ٻولي پنجابي جو لهجو ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، ان باوجود آڇ ٿيڻ تي پنجابي فلم ۾ ڪم ڪندي. لاڪ ڊائون دوران موٽروي کليل هئڻ سبب لاهور کان ڪراچي وڃڻ واري سوال تي هن چيو ته کيس موٽروي تي سفر ڪرڻ کان ڊپ ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ 3 ڀيرا سندس والده اغوا ٿي چڪي آهي، ڌاڙيل کيس 3 ڀيرا اغوا ڪري سنسان جا تي ڇڏي گاڏي ڪاهي ويا آهن، خوشقسمتي سان ٽئي ڀيرا گاڏي واپس ملي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button