پاڪستان

بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي. بختاور ڀٽو زرداري انسٽاگرام پوسٽ تي پٽ “مير حاڪم محمود چوڌري” جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن لاءِ وڏي انگ ۾ واهپيدار دعائون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن. بختاور پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته هيءَ تصوير ان وقت جي آهي، جڏهن حاڪم هڪ هفتي جو هو. واضح رهي ته بختاور 10 آڪٽوبر تي پٽ کي جنم ڏنو هو، پوءِ هن ٻڌايو هو ته پٽ جو نالو مامي جي نسبت سان “مير”، جڏهن ته ڏاڏي جي نسبت سان “حاڪم” رکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button