پنجاب

لاهور ۾ هڪ وڌيڪ آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور قتل

لاهور ۾ هڪ وڌيڪ آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور کي قتل ڪيو ويو، گاڏي مان گوليون لڳل لاش مليو. ٽيڪسي ڊرائيور محمد احمد جو لاش چوهنگ جي علائقي ۾ گاڏي مان لاش مليو، مقتول کي 4 گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس موبائل فون ۽ پئسا پڻ گم هئا. پوليس اختيارين موجب مقتول محمد احمد جو لاش گاڏي مان مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي ڦر مزاحمت سميت مختلف پهلوئن تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس اختيارين موجب شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو آهي ته محمد احمد مظفرڳڙهه جو رهائشي هو ۽ لاهور ۾ آن لائين ٽيڪسي هلائيندو هو، رات سواري لا نڪتو ته صبح جو سندس لاش مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button