رانديون

افغانستان کي شڪست، ڀارت ڪاميابين جو کاتو کولي ڇڏيو

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڀارت افغانستان کي 66 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ کيڏي ويندڙ ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ ڀارت روهت شرما ۽ ڪي ايل راهول جي شاندار بيٽنگ جي ڪري مقرر 20 اوورن ۾ 210 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ افغان ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 144 رنسون ٺاهي سگهي. ان کان اڳ افغانستان جي ڪپتان محمد نبي ٽاس کٽي ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارتي بيٽسمين روهت شرما ۽ ڪي ايل راهول ٽيم کي 140 رنسن جي جارحاڻي شروعات ڏني. ان دوران ٻنهي بيٽسمين پنهنجون اڌ سينچريون پڻ مڪمل ڪيون. روهت شرما 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڪي ايل راهول پڻ 69 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 2 ڇڪا ۽ 6 چوڪا شامل هئا. رشڀ پانٽ 27 ۽ هاردڪ پانڊيا 35 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي ۽ ٻئي بيٽسمين ناٽ آئوٽ رهيا. افغانستان طرفان گلبدين نايب ۽ ڪريم جنت هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button