وزيراعظم شهباز شريف طرفان ٺاهيل ڪميٽي تڪرار جي ور چڙهيل پاڪستاني فلم “جوائي لينڊ” کي مشروط طور نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، فلم کي ڪجهه منظر ختم ڪرڻ بعد رليز ڪيو ويندو. مرڪزي فلم سينسر بورڊ جي فل بورڊ اجلاس ۾ فلم کي ڏسڻ بعد ان مان ڪجهه حصا ۽ منظر ڪٽيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته “جوائي لينڊ” جا ڪجهه حصا حذف ڪرڻ بعد فلم نمائش لا پيش ڪري سگهجي ٿي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته فلم جا 2 کان 7 منظر ڪٽيا ويندا، جڏهن ته ٻين منظرن تي آواز کي دٻايو ويندو پر ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪو بيان سامهون نه آيو آهي. فلم جي هدايتڪار صائم صادق جو چوڻ آهي ته “جوائي لينڊ” تي اهي ماڻهو اعتراض ڪري رهيا آهن، جن فلم ڏٺي به ناهي. واضح رهي ته فلم جي ڪهاڻي هڪ کدڙي فقير بابت لکيل آهي، فلم کي سرمد کوسٽ ۽ اپوراچرن پروڊيوس ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close