شوبز

اسين پنهنجي والدين کي جيئري ئي ماري ڇڏيندا آهيون: شائستا لوڌي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا شائستا لوڌي چيو آهي تھ اسين پنهنجي والدين کي جيئري ئي ماري ڇڏيندا آهيون، ڇوتھ انهن جي اندر ۾ پلجندڙ جذبات کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ اسان جي اها خواهش هوندي آهي تھ بابو کنگهي، اسين کنگهه جو شربت ملازم ذريعي يا پاڻ کيس پياريون. شائستا پنهنجي نئين ڊرامي سمجهوتا ۾ والدين جي پيار ڪهاڻي ۽ سندن زندگي جي اڪيلائين واري ڪهاڻي تي روشني وجهندي چيو تھ ڊرامي سمجهوتا ۾ اهو ئي ٻڌايو ويو آهي تھ زندگي عمر جي هڪ حد بعد شروع ٿيندي آهي، ان ۾ هڪ منفرد پيغام پڻ آهي. هن چيو تھ ريٽنگ جي چڪر ۾ ڊرامن اندر بزرگن ۽ ٻارن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ڪو پيغام نٿو هجي، اسان الائي ڪهڙين لو اسٽورين ۾ پيا آهيون، اصل ڪهاڻي تھ اسان جي نانين ۽ ڏاڏين جي آهي. هن چيو تھ منهنجو هڪ اهڙو مداح آهي، جنهن کي منهنجي اداس ٿيڻ جي بھ خبر هوندي آهي، يقين ڪيو تھ ان مان ڊپ ٿئي ٿو.

شائستا جو ڊرامي سمجهوتا وارو نرگس جو ڪردار عام ماڻهن ۾ مقبول

شائستا لوڌي ڊرامي سمجهوتا جي پوسٽر ۾ موجود آهي

بزرگ والدين جي دل وارين ڪيفيتن جي ڪهاڻي تي ٻڌل ڊرامي ۾ نرگس نالي مک ڪردار ڪندڙ شائستا لوڌي انڪشاف ڪيو آهي تھ مان لاهور هر هفتي ايندي ويندي آهيان، سو هڪ ڀيري جهاز ۾ سوار ٿيندي آواز اچڻ لڳا تھ نرگس اچ منهنجي ڀر ۾ ويهه، ان مان اندازو لڳايو تھ ڪردار ڪيڏا مقبول ٿين ٿا، جي اوهين عوام جي دل ۾ آهيو.

مارننگ شو ۽ ڊراما ڪرڻ سبب ماڻهن کي اعتبار ئي نٿو اچي تھ ڊاڪٽر آهيان: شائستا

شائستا لوڌي ڊاڪٽر طور تيار ٿي رهي آهي

شائستا لوڌي ٻڌايو تھ ڊاڪٽر هجڻ ناتي مون کي ڪانفرسن ۽ شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي گڏجاڻين ۾ وڃڻو پوندو آهي، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ ماڻهو مون کي ڊاڪٽر طور سنجيدا ناهن وٺندا، ڇوتھ مارننگ شوز ۽ ڊرامن ۾ ڪم سبب اهي سمجهن ٿا تھ مان ڊاڪٽر ناهيان، رڳو نالي ۾ لفظ هنيو آهي، کين اعتبار ناهي ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button