پاڪستانسنڌ

سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ تي اتفاق

پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان گورنر هائوس لاهور ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر چيو ته اتحادي حڪومت مشڪل حالتن ۾ ذميداريون سنڀاليون ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت گڏيل اتحاد، حب الوطني واري جذبي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته مضبوط پاڪستان ئي اسان سڀني جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. پنجاب جي گورنر چيو ته ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته فني تعليم ئي انساني ترقيءَ جو ڀروسي جوڳو وسيلو ۽ ملڪي خوشحاليءَ جو ضامن آهي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ جتي باقائده اسڪول ناهن اتي غير رسمي تعليم ذريعي اتي جي ٻارن کي مقامي وسيلن ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڌُريون ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته حڪومت هن وقت ڪيترن ئي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهي آهي، حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي، ملڪ جي معاشي حالتن ۽ ٻين چئلينجز جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي هڪ سياسي جماعت کان علاوه سموريون سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته چونڊون سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت تي ٿيندي. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر، سنڌ جي وڏي وزير کي گورنر هائوس جي مختلف حصن جو وزٽ ڪرايو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ملاقات ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل طور آپريشن ڪرڻ جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. ٻئي طرف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي بعد ۾ گورنر هائوس ۾ گورنر بليغ الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button