پاڪستان

مون کي تو ٻڌرايو! شاهه محمود، اسد عمر ۽ اعظم سواتي جا هڪٻئي تي الزام

جيل ڀريو تحريڪ دوران گرفتاري ڏيندڙ پي ٽي آ جي سينيئر اڳواڻن ۾ جيل اندر بحث ۽ جهيڙو ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم سواتي جيل ڀريو تحريڪ جي پهرئين ڏينهن هڪٻئي تي گرفتاري جا الزام لڳائيندا رهيا. سڌ سما بابت پنجاب جي نگران وزير عامر مير دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه محمود، اسد عمر ۽ اعظم سواتي ڪوٽ لکپت جيل اندر پهرين رات ئي وڙهي پيا، جنهن سبب کين الڳ الڳ جيل ۾ رکيو ويو، پي ٽي آ جا ٽئي اڳواڻ هڪٻئي کي گرفتاري جو ذميوار قرار ڏيندا رهيا. عامر مير مطابق شاهه محمود قريشي جيل ۾ چيو ته هو سي سي پي او لاهور جي آفيس چانهه پيئڻ لا وڃي رهيو هو ته پنجاب پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button