پاڪستانپنجاب

سسيلين مافيا ۽ گاڊ فادر جا لقب واپس وٺڻا پوندا، پو چونڊون ٿينديون:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جن ججن جي ڪلهن تي ويهي ٻيهر اچڻ جي تياري پيو ڪري، اهي جج نه رهيا آهن، پهرين گهڙي چور عمران کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيو، پوءِ چونڊون ٿينديون. ساهيوال ۾ نواز ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 2023ع اليڪشن جو سال آهي، چونڊون ضرور ٿينديون ۽ شينهن وڏي اڪثريت سان کٽيندو، اليڪشن ٿيندي پر پهرين انصاف ٿيندو، کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيندو، ساهمي جا ٻئي پڙ برابر ڪيا ويندا، نواز شريف سان ڪيل ناانصافين جو ازالو ٿيندو، کيس مليل غلط سزائون ختم ٿينديون ۽ عمران خان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندا ته پوءِ اليڪشن ٿيندي، پهريان پاناما بئنچ کي “سسيلين مافيا” ۽ “گاڊ فادر” وارا لقب واپس وٺڻا پوندا. هن چيو ته پاناما بئنچ ۽ ان کي جوڙيندڙ ئي ملڪ جي هاڻويڪي صورتحال ۽ حالتن جا ذميوار آهن، ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيل آهي، ڇا عمران خان کي گند ڪرڻ ۽ نواز شريف کي اهو گند صاف ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي؟ ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته نواز شريف ڪيتريون ئي پيشيون ڀوڳي چڪو، هاڻي عمران خان به ڀوڳيندا، پهريان عمران جون به 200 پيشيون ٿيندو پو اليڪشن ٿيندي، پهريان “ووٽ کي عزت ڏيو” وارو انصاف ٿيندو پو چونڊون ٿينديون، اڄ ئي انصاف ڪري ڏيکاريو ته سڀاڻي ملڪ ۾ ڀلي چونڊون ڪرائي ڇڏيو، اسان کي ڪو خطرو ناهي پر پهرين اسان کي انصاف گهرجي، عدليا جو جيڪو معيار نواز شريف لا هو، اهو ئي عمران خان لا به گهرجي، اڄ جنرل (ر) فيض، جسٽس (ر) کوسو ۽ ڊيم وارو بابا جسٽس (ر) ثاقب نثار ڪٿي آهن؟ اهي سڀئي وائکا ٿي چڪا آهن پر جيڪي حاضر سروس جج آهن اهي پڻ بي نقاب ٿي ويا آهن. مريم نواز تحريڪ انصاف جي سربراهه کي مخاطب ٿيندي چيو عمران خان! جن ماڻهن توکي ڪلهن تي ويهاريو هو اها اسٽيبلشمينٽ گهر ڀيڙي ٿي چڪي آهي ۽ الله کي پياري ٿي وئي، هاڻي جن ججن جي ڪلهن تي چڙهي ٻيهر اچڻ جي تيارين ۾ هئين اهي ڪلها ئي نه رهندا، فيض حميد اڄ به چڪوال ۾ ويهي سازشون ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button