پاڪستانعالمي

ترڪيا ۾ وري زلزلو، عمارتون ڊهي پيون، انڊونيشيا ۽ چين ۾ به لوڏا،هڪ ڄڻو فوت،100 زخمي

ترڪيا، انڊونيشيا ۽ چين جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن دوران عمارتون ڊهڻ ڪري هڪ ڄڻو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ترڪيا جي صوبي ملاتيار ۾ هڪ دفعو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 5 ڏهائي 6 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زلزلي جي اونهائي 6 ڏهائي 96 ڪلوميٽر هئي. ترڪيا جي خابرو اداري موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ملاتيا ۾ هڪ فيڪٽري ڊهي پئي، جنهن جي ڍير هيٺان دٻجي هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي. سرڪاري ذريعن موجب زلزلي سبب ڪيتريون عمارتون ڊهي تباهه ٿي ويون ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. هوڏانهن انڊونيشيا جي صوبي سولاويسي ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. چين جي خابرو اداري مطابق موسميات ۽ جيوفزڪس ايجنسي ٻڌايو آهي ته انڊونيشيا جي سولاويسي صوبي ۾ سومر ڏينهن صبح جو 8 لڳي 26 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز زمين کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ هو، جڏهن ته سونامي الرٽ جاري ناهي ڪيو ويو. ٻئي طرف چين جي علائقي سنڪيانگ ايغور جي وينسو ڪائونٽي ۽ اڪسو پريفيڪچر ۾ به 5 ڏهائي هڪ شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. چين جي زلزلي مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ هو، جڏهن ته ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو به اطلاع ناهي مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button