سنڌ

گهرن جي ڳڻپ ٽن بدران 10 ڏينهن ۾ ڪئي وڃي:ايم ڪيو ايم

متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ٿي رهي آهي، جنهن تحت 3 مارچ کان گهرن جي ڳڻپ ٿيندي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ آدمشماري ٿيندي آهي ۽ ختم ٿي ويندي آهي ۽ سنڌ ۾ آدمشماري هڪ اهم مسئلو بڻجي ويو. سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جو ڪوٽا به مسئلو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته هو چون ٿا ته ڪراچي سڀني جو آهي پر ڳڻپ وقت وساري ويهن ٿا، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀ کان گهڻي آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان ادارن کي رڳو اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ان ۾ڪائي ڪوتاهي نه ٿئي، ڇو ته پاڪستان کي هلائيندڙ ڪراچي آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت ۾ موجود ماڻهن کان حڪومت نه پئي هلي ۽ آئي ايم ايف سان ملڪ جي معيشت نه پئي هلي، جڏهن ته پاڪستان جون معاشي حالتون ڪنهن به ايڊوينچر جي سٽ نٿيون سهي سگهن. هن چيو ته پاڪستان کي معاشي تنگي مان آئي ايم ايف نه پر ڪراچي ڪڍي سگهي ٿو پر پاڪستان جي هن ڪمائو پٽ جا هٿ پير ڀڃي ڇڏيا آهن، جيڪو ڪمائڻ وارو آهي، انهيءَ جا هٿ پير ڀڃي ڇڏيو ايئن ناهي ٿيندو، هن چيو ته اسان گهر ڪريون ٿا ته گهرن جي ڳڻپ لاءِ 3 ڏينهن نه پر 10 ڏينهن رکيا وڃن ۽ تاريخون وڌايون وڃن ۽ جيڪڏهن هڪ شخص هتي موجود آهي ۽ منستقل رهائش ڳوٺ ۾ آهي ته ڪنهن کي ڳڻيو ويندو اهو ٻڌايو وڃي. هن چيو ته اسان مفاهمت ڪريون ها ته پيپلزپارٽي ڳالهه نه پئي مڃي ۽ ڌار ٿيون ٿا ته چون ٿا ته وڙهي رهيا آهن، جڏهن ايم ڪيو ايم جو اهو ئي مطالبو آهي ته آدمشماري ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button