سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ وڪيلن جي بهبود ۽ تحفظ جو بل منظور

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ واقعن ۽ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي خلاف سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن به آواز اٿارڻ شروع ڪري ڏنو آهي. سومر تي ايوان جي ڪارروائي دوران اپوزيشن جي ميمبرن عوامي اهميت وارا ڪيترائي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيا. تحريڪ انصاف جي شاهنواز جدون پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته 17 فيبروري تي هڪ شاگرد اين آئي سي ايڇ گلشن اقبال جي ويجهو اغوا ٿيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مغوي کي ڇڏائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي. مڪيش ڪمار چاولا ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾چيو ته لاڳاپيل ٿاڻن کان رپورٽ ورتي وئي آهي، اهڙو ڪوبه واقعو پوليس اسٽيشن تي رپورٽ ناهي ٿيو. ايم ڪيو ايم جي رابعه خاتون پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، ائين لڳي ٿو ته ادارا بيوس بڻجي ويا آهن. هن چيو ته پهريان وارداتن ۾ ننڍا هٿيار استعمال ٿيندا هئا هاڻي وڏا هٿيار استعمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هي سنڌ حڪومت جي ذميواري اهي ته ڏوهن ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري. هن ٻڌايو ته ڪورنگي ۾ هڪ هوٽل تي سمورن ماڻهن کي لٽيو ويو. مڪيش ڪمار چاولا ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ چيو ته 2023 ۾ هن وقت تائين 129 ڏهاري مقابلن ۾ ماريا ويا آهن، 1047 زخمي به ٿيا آهن. هن چيو ته تازوئي ڪراچي جي پوليس آفيس تي حملو ٿيو، جنهن نموني ان کي ناڪام بڻايو ويو، اها قدر جوڳي ڳالهه آهي. پوليس ڪرائيم کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي وڏي وزير به ميٽنگ ۾ چيو آهي ته نفري وڌائي وڃي. هن چيو ته پوليس ايمرجنسي 15 ڪافي ايڪٽو آهي، سڀاڻي کان هڪ مهم شروع ٿيڻ واري آهي سڄي شهر ۾ اڻ رجسٽرڊ گاڏين کي چيڪ ڪيو ويندو، جيڪڏهن ماڻهو ڏسن ته ڪنهن محلي ۾ شڪي ماڻهو رهن ٿا ته ان جو اطلاع پوليس کي ڏنو وڃي ۽ سمورا شهري جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرائي تي گهر ڏئي رهيا آهن ته ان جي تصديق به پهريان پوليس کان ڪرائين. خرم شيرزمان ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته اسڪول ۽ ڪاليجز ۾ نشي سان نئون نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هاڻي نشي واريون شيون يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾وڪرو ٿي رهيون آهن، گهٽين پاڙن محلن ۾ به منشيات سرعام ملي رهي آهي، هي معاملو بند نه پيو ٿئي. هن چيو ته ڪلفٽن جي ڪيفي تي سرعام شيشو هلي رهيو آهي. خرم شيرزمان چيو ته حڪومت ڪنهن شئي کي ته سنجيده وٺي، پوليس قرباني ڏئي رهي آهي پر مسئلو حل نه پيو ٿئي، جيڪڏهن وڏو وزير ان ۾ لاڳيتو فيل ٿي رهيو آهي ته ان کي تبديل ڇو نٿو ڪيو وڃي. هو سنڌ جي گهرو وزير طور ناڪام ثابت ٿيو آهي، هو اسيمبلي ۾ اچي بيان ڏي، هر ڳالهه ۾ مذاق يا سياست نه ڪري. مڪيش ڪمار چاولا جواب ۾ چيو ته سياست کان هٽي هن اشو کي اسان کي ڏسڻو آهي، منشيات کي ٻنجو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، وڏي وزير ان حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن جي هفتيوار ميٽنگ ٿئي ٿي. اسان کي پنهنجي نئين نسل کي بچائڻو آهي جي ڊي اي جي نندڪمار پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته غريب ماڻهو مهانگائي سان پريشان آهي، بصر جي قيمتن ۾ 375 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، چانور ۽ گيهه جي اگهن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. ان سان گڏ ئي هر ڪوئي پنهنجي مرضي سان قيمتون وڌائي رهيو اهي، ائين لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ڪائي گهوسٽ حڪومت آهي. هن ٻڌايو ته هڪ ٻارڙي اسڪول وئي، چوي ٿي ته مان ٽن ڏينهن کان ماني ناهي کاڌي، مان ڪيئن پڙهان، ڪهڙن وزيرن پگهارون گهٽايون آهن، اٽو وٺڻ جي قطار ۾ ماڻهو فوت ٿي ويو. هن چيو ته سانگهڙ ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺو آهي، پيپلزپارٽي ٻڌائي ته پاڻي لٿو ڪٿي آهي، گهڻي ڪرپشن ۽ چيٽنگ ٿي وئي آهي، هاڻي ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت اوهان جي آهي سنڌ تي رحم ڪريو. مڪيش ڪمار چاولا جواب ڏيندي چيو ته اسان بليم گيم ۾ نه وينداسين، ڊالر جي قيمت وڌي ٿي ته مهانگائي وڌي ٿي، مهانگائي تي ڪنٽرول لا حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي. مڪيش ڪمار چيو ته غريبن جي ڳالهه ڪندڙ اپوزيشن جو هڪ ميمبر گذريل پرائيويٽ ميمبر ڊي تي هڪ ٺهراءُ کڻي آيو. جنهن ۾ چيو ويو ته اسان جون پگهارون ڌايون وڃن. ان موقعي تي مڪيش ڪمار چاولا ۽ نندڪمار ۾ منهن ماري به ٿي وئي، مڪيش ڪمار چيو ته رزاق راهمون جو ٺهراءُ هو ته اسان جون پگهارون وڌايون وڃن، توکي رڳو پنهنجي پيٽ جي ڳڻتي آهي، ان کي پنهنجي سي اين جي پمپ جي ڳڻتي آهي، حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي سومر تي پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ وڪيل بهبود ۽ تحفظ بل کي گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو. منظوري کان اڳ پيپلزپارٽي جي ميمبر پير مجيب الحق قائمه ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي، بل تحت وڪيلن لاءِ هڪ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. جيڪو هڪ ڪميٽي هلائيندي. هن فنڊ ذريعي بيمار يا حادثي جي شڪار وڪيلن جي مالي مدد ڪئي ويندي. جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار چيو ته مان حڪومت جي هن قدم جي تعريف ڪندس ته هو وڪيلن لاءِ هي بل کڻي آئي آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button