رانديون

نيوزيلينڊ ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي هڪ رنس تان شڪست ڏئي 30 سال پراڻي تاريخ ورجائي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم فالوآن ٿيڻ باوجود ٻي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ويلنگٽن ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي بعد انگلش ٽيم کي هڪ رنس تان ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ ڪيويز بالرن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انگلينڊ پاران 8 وڪيٽن جي نقصان سان 435 رنسن تي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪرڻ بعد نيوزيلينڊ 209 تي آئوٽ ٿي فالوآن جو شڪار ٿي وئي، جنهن بعد انگلش ڪپتان جي دعوت تي ٻي اننگز ۾ ڪيويز ٻي اننگز ۾ پاڻ سنڀالي ورتو ۽ ڪين وليمسن جي 132 جي اننگز جي مدد سان 483 رنسون ٺاهي انگلينڊ کي 258 جو هدف ڏنو،

نيوزيلينڊ جو بالر وڪيٽ وٺڻ تي زوردار اپيل ڪندي

جنهن بعد انگلينڊ جي بيٽنگ ناڪامي جو شڪار ٿي وئي، ٻي اننگز ۾ نيوزيلينڊ جي بالرن نيل واگنر 4، ٽم سائودي 3 ۽ ميٽ هينري 2 وڪيٽون وٺي انگلش بيٽرن جا پير اکيڙي 256 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ اڪيلي جو روٽ 95 رنسن سان مزاحمت ڪئي، پر سندس محنت ٽيم جي ڪم نھ اچي سگهي، بين فوڪس 35، بين اسٽوڪس ۽ بين ڊڪيٽ 33، 33 رنسون ڪيون، هيري بروڪ ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو. اهڙي ريت نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي ۾ فتح ماڻي سيريز برابر ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي تھ 1993ع ۾ ويسٽ انڊيز آسٽريليا کي ٽيسٽ ۾ هڪ رنس تان شڪست ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button