شوبز

ليڊي ڊيانا بابت ويب سيريز خلاف ڪاروائي جو مطالبو

برطانيھ جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل شاهي گهراڻي جي تڪرارن سان ڀريل ننهن شهزادي ليڊي ڊيانا بابت نيٽ فليڪس جي ويب سيريز دي ڪرائون خلاف ڪاروائي جو مطالبو ٿي ويو آهي. برطانوي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نيٽ فليڪس سيريز “دي ڪرائون” جي معاملي ۾ قانوني ماهرن بھ شاهي خاندان جي حمايت ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن تھ شاهي گهراڻي جي ويجهن دوستن سان لاڳاپيل دوستن جي وڪيلن جو چوڻ آهي تھ شاهي خاندان بھ اهو حق محفوظ رکي ٿو تھ ويب سيريز خلاف عزت مجروح ڪرڻ جي دعوا داخل ڪرائين. هوڏانهن ۾ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي تھ ويجهن دوستن ذريعي شاهي خاندان مشورا طلب ڪري ورتا، جنهن بعد مليل مشورو راڻي ايلزبيٿ ۽ سندس گهرڀاتين تي بھ لاڳو سمجهيو ويندو. جڏهن تھ رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي تھ جيڪڏهن شاهي خاندان قانوني ڪاروائي لا قدم کنيو تھ ويب سيريز سڀني کان وڌيڪ تڪرار بڻجي ويندي، ڇوتھ ويب سيريز اهڙن واقعن جا جواب ڏيڻ چاهي ٿي، جن بابت اڄ بھ گهڻا ماڻهو ڪجهه نٿا ڄاڻن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button