سنڌ

ڀان ۾ فوت ٿيل ملازم جي وارثن کي معاوضو نه ملڻ خلاف مظاهرو

ڀان سيدآباد ۾ ڪجهھ ڏينھن اڳ ڊرينج مان نڪرندڙ نالو صاف ڪرڻ دوران ٽرانسفارمر مان ڪريل بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل ٽائون ملازم واحد بخش شيخ جي پي شاھد ۽ سندن ما شعبانه پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت صفائي عملي پاران فوتين جو معاوضو نہ ملڻ خلاف پريس ڪلب سامھون مين روڊ تي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل ٽائون ملازم واحد بخش سميت ٻن فوتين جو اعلانيل معاوضو اي سي سيوھڻ ۽ ٽائون آفيسر ڀان وارثن کي نه ڏنو آھي. هنن چيو ته اسان کي ٽائون آفيسر امتياز راهپوٽو آسرن ۾ رهائي هاڻي صاف انڪار ڪري رهيو آهي ۽ معاوضو گهرڻ تان ڌمڪي ڏيئي رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته جلد فوتي ٽائون ملازمن جو معاوضو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري بک ھڙتالن جو سلسلو شروع ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button