رانديون

بنگلاديش خلاف 20 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، زخمي ياسر شاهه ڊراپ

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اوپنر امام الحق، مڊل آرڊر بيٽر ڪامران غلام ۽ آف اسپنر بلال آصف اعلان ڪيل اسڪواڊ جو حصو ٿي ويا آهن.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز مان پهريون ٽيسٽ 26 کان 30 نومبر چٽاگانگ ۽ ٻيو ميچ 4 کان 8 ڊسمبر تائين ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. زخمي هجڻ سبب ليگ اسپنر ياسر شاهه ٽيم جو حصو نه ٿي سگهيو آهي. حارث رئوف، عمران بٽ ۽ شاهنواز ڏاهاڻي پڻ ٽيم جو حصو ٿيڻ ۾ ناڪام ويا آهن. انهن کي قائد اعظم ٽرافي کيڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. ڪامران غلام کي پهريون ڀيرو قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي، هن گذريل سال قائداعظم ٽرافي ۾ رڪارڊ 1249 رنسون ٺاهيون هيون.

ٽيسٽ سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو ۽ محمد رضوان نائب ڪپتان هوندو، ٻين رانديگرن ۾ عبدالله شفيق، عابد علي، اظهر علي، فواد عالم، امام الحق، ڪامران غلام، سعود شڪيل، سرفراز احمد، فهيم اشرف، محمد نواز، بلال آصف، حسن علي، محمد عباس، نسيم شاهه، نعمان علي، شاهين آفريدي ۽ زاهد محمود شامل آهن.

چيف سليڪٽر محمد وسيم جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جون ڪنڊيشنز ڏسي اسڪواڊ چونڊيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button