سنڌ

سن ۾ ڊيم جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاهرا

سن ڀرسان ڳوٺ شهمير کوسي جي رهواسين صادق کوسو، عبدالمجيد کوسو، جمعون کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊيم جي تعمير خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان جو گذر سفر زرعي زمينن تي آهي پر ڪجهه شرپسند ماڻهو پنهنجن مفادن جي ڪري اسان جي نسلن جي تباهي جو سامان گڏ ڪري اسان کي معاشي طور ختم ڪرڻ گهرن ٿا، سمال ڊيم جي تعمير سان اسان جون زمينون بنجر ٿي وينديون ۽ ڊيم ۾ ماڻهو ۽ جانور ۾ ٻڏي مري به سگهن ٿا. هنن چيو ته جڏهن ڊيم ڀرجندو ۽ تيز برساتون پونديون ته ان سان ڊيم اوور ٽاپ ٿي ڪيترن ئي ڳوٺن جي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هنن چيو ته ڪجهه مفادپرست اسان تي ڪاهه ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ڏاڍ جي زور تي ڊيم تعمير ڪرڻ گهرن ٿا پر اسان ڪنهن به صورت ۾ اهو ڊيم تعمير ٿيڻ نه ڏينداسون.

ٻئي طرف ڊيم جي حمايت ۾ ڏاتو کوسو، حسن کوسو، غلام شبيرکوسو ۽ قابل کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان جي علائقي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ آهي ۽ جابلو علائقو هجڻ جي ڪري ڊيم جي سخت ضرورت هئي، ورلڊ بئينڪ جي سهڪارسان سمال ڊيم منظور ٿيو آهي، جنهن جي تعمير ٿيڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ٿيندي ۽ غربت ختم ٿيندي پر علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن ڪجهه ماڻهو ڊيم تعمير ٿيڻ خلاف بناجواز جي واويلا ڪري رهيا آهن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته عوام جي خوشحالي ۽ ترقي کي سامهون رکندي فوري ڊيم جي تعمير شروع ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button