اسلام آبادپاڪستان

ن ليگ عدالتن تي اثر انداز ٿيڻ جي تاريخ رکي ٿي، پاڻ ئي ڦاسندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ن ليگ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي تاريخ رکي ٿي. رپورٽ مطابق وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلفي بيان جي معاملي تي غور ڪيو ويو. گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ بئريسٽر علي ظفر معاملي جي قانوني نڪتن تي بريفنگ ڏني. شهزاد اڪبر چيو ته ظاهري طور لڳي ٿو ته ان پلان پويان ن ليگ آهي، حلفي بيان جو مقصد ن ليگ اڳواڻن خلاف ڪيسن کي تڪراري بڻائڻ آهي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ تي توهين عدالت ٿئي ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي تاريخ رکي ٿي، ان سدائين رياستي ادارن تي حملو ڪيو، سياسي مافيا پنهنجا ڪيس بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي، ن ليگ ان معاملي ۾ پاڻ ڦاسندي، معاملو عدالت ۾ آهي ۽ اها ئي ان کي ڏسندي. اتحادين جي حوالي سان هن چيو ته انهن جا خدشا تمام جلد ختم ٿي ويندا، اتحادي اسان جي فيملي جيان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button