اسلام آبادپاڪستان

ڪهڙا ڪهڙا لطيفا نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نوازشريف کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ اسٽوري نظر مان گذري جنهن ۾ هڪ گلگت جو جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن مان ثاقب نثار وٽ چانهه پيئڻ لاءِ ويٺس ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته نواز شريف جي ضمانت اليڪشن کان اڳ نه ٿيڻ گهرجي! فواد چوڌري پنهنجي ٽوئٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. اندازو لڳايو ته اوهان ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو، اهو پهريان کان فون ملائي ويٺو آهي ته اوهان جي سامهون ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آهي يا ناهي وٺڻي! جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه پر ملڪ جو وزيراعظم هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button