پاڪستانپنجاب

ثاقب نثار جج کي حڪم ڏنو ته چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم کي آزاد نه ڪيو وڃي: راڻا شميم جو انڪشاف

اسلام آباد: گلگت بلتستان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي منهنجي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو ڪوبه اختيار نه هو، پنهنجي ان بيان تي قائم آهيان ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ها ڪورٽ جي هڪ جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي. هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو ته ثاقب نثار گلگت ۾ منهنجو مهمان هو. مون ثاقب نثار جي گلگت اچڻ تي ڪوبه سرڪاري خرچ نه ڪيو هو ۽ خبر ۾ ڏنل سمورين ڳالهين تي قائم آهيان. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ملازمت واري مدي ۾ واڌ گهرڻ جي ڪابه ضرورت محسوس ئي ناهي ٿي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ قانون موجب مون کي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڏيڻ جو اختيار نه هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button