اسلام آبادپاڪستان

رانا شميم ڪوڙ پيو ڳالهائي، هن ملازمت جي مدي ۾ واڌ گهري هئي: ثاقب نثار

اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو نواز شريف جي ضمانت بابت فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي حوالي سان رد عمل سامهون اچي ويو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون بابت رپورٽ ٿيندڙ خبرون حقيقتن جي ابتڙ آهن. اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان رانا شميم جي ڪوڙ تي مان ڪهڙو جواب ڏيان. ثاقب نثار چيو ته رانا شميم چيف جسٽس گلگت بلتستان واري عهدي ۾ واڌ گهري رهيو هو جيڪا مون منظور نه ڪئي. هڪ ڀيرو رانا شميم مون کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ جي ميار به ڏني هئي. ثاقب نثار چيو ته هڪ ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي بيان تي رد عمل ڏيڻ دانشمندي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button