پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، انتظاميا نوٽيس نه ورتو

چمبڙ: چمبڙ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، جنهن سبب شهري آزار ۾ اچي ويا، پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن ڪو نوٽيس نه ورتو. ڪيترن ئي ڏينھن کان شھر ۾ واٽر سپلا جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، واٽر سپلا ۾ پاڻي اسٽوريج واريون موٽرون خراب آھن، جنهن سبب گھرن، مسجدن ۽ دڪانن ۾ پاڻي ختم ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ شھرين چيو ته جر جو پاڻي کارو زھر آھي، پيئڻ لا به واٽر سپلا جو پاڻي استعمال ڪريون ٿا، پر اهو ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهي، اسان شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. شھرين ڊي سي ٽنڊوالھيار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي نااھل پبلڪ ھيلٿ جي ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري شھر کي پاڻي فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button