پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ لڳ 2 گهرن کي باهه، 2 ماڻهو سڙي زخمي

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ لڳ ڳوٺ حاجي جمن احمداڻي ۾ پورھيت جامون ڪولهي ۽ ڀوڄو ڪولهي جي گھرن کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن سبب ٻنهي گھرن ۾ پيل الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو. ڀرواري گھرن کي پڻ باھه وڪوڙي وئي، باهه ۾ سڙي احمد خاصخيلي ۽ محمد خاصخيلي زخمي ٿي پيا، گهرڌڻين مڙسي ڪري باھه تي ضابطو آندو. گهر سڙڻ بعد باهھ متاثر جامون ۽ ڀوڄو ڪولهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي انتظاميا پاران ڪابه مدد ناهي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button