رانديون

بابراعظم آئي سي سي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو ڪپتان مقرر، ڀارتي رانديگر جڳهه ٺاهڻ ۾ ناڪام

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسن ٺاهڻ جو اعزاز ماڻڻ بعد آئي سي سي ٽيم دي ٽورنامينٽ جي ڪپتاني پڻ حاصل ڪري ورتي آهي.

ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ آسٽريليا جي هٿن ۾ وڃڻ بعد آئي سي سي پنهنجي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن تھ ٽيم ۾ دنيا جا بهترين رانديگر شامل ڪيا ويا آهن. پاڪستان، انگلينڊ، سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا مان 2،2 ڪرڪيٽر کنيا ويا. اهڙي ريت آسٽريليا جي ٽن ۽ نيوزيلينڊ جي هڪ رانديگر آئي سي سي جي ٽيم ۾ جڳهه ٺاهي آهي.

آئي سي سي جي اعلان ڪيل ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان مان بابراعظم (ڪپتان)، انگلينڊ جا جوز بٽلر، معين علي، سريلنڪا مان ونندو هسارنگا، چارٿ اسالانڪا، ڏکڻ آفريقا مان مارڪرم ۽ نورٽريج، نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ، آسٽريليا مان ڊيوڊ وارنر، جوش هيزل ووڊ ۽ ايڊم زامپا شامل ڪيا ويا آهن.

جڏهن تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ خراب پرفارمنس سبب ڀارت مان ڪوبھ ڪرڪيٽر ٽيم ۾ نھ کنيو ويو آهي. پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي اسڪواڊ جو ٻارهون رانديگر بڻايو ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button