شوبز

سينيئر ڀارتي اداڪار ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل


ممبئي: مختلف جسماني عضون ۾ خرابي سبب سينيئر ڀارتي اداڪار سراٺ بابو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. سراٺ بابو، جنهن جو اصل نالو ستيم بابو آهي پنهنجي اداڪاري ڪيريئر جي شروعات 1973ع ۾ هڪ تيلگو فلم ذريعي ڪئي، هو بنيادي طور تي تيلگو ۽ تامل فلمن ۾ اداڪاري لاءِ سڃاتو ويندو آهي، هن ڪجهه ماليالم ۽ هندي فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سراٺ بابو حيدرآباد جي اسپتال ۾ وينٽيليٽر آهي آهي، اداڪار جي حالت ڪجهه عرصي کان ٺيڪ ناهي کيس 20 اپريل تي بنگلورو کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو ۽ اي آءِ جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. رپورٽن موجب سينيئر اداڪار اسيپسس نالي بيماري جو شڪار آهي، جنهن سان گڙدا، ڦڦڙ، جيرو ۽ ٻيا عضوا مثاثر ٿيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button