رانديون

سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ سڀ کان وڏو ٽيسٽ اسڪور ڪري ورتو

گال: آئرلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي آئرلينڊ پنهنجو سڀ کان وڏو ٽيسٽ اسڪور 492 ٺاهيو، پال اسٽرلنگ ۽ ڪرٽس ڪيمفر ڪرڪيٽ جي ڊگهي فارميٽ ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ ٽيون ۽ چوٿون آئرش رانديگر بڻجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب گال ۾ سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن چانهن جي وقفي کان ڪجهه دير اڳ آئوٽ ٿيندڙ پال اسٽرلنگ 103 ۽ ڪيمفر 111 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ان کان اڳ ڪپتان اينڊي بالبرني راند جي پهرئين ڏينهن 95 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو هو. لورڪن ٽڪر به 80 رنسن جي اهم اننگز کيڏي تاريخي اسڪور ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ميزبان ٽيم لاءِ پهرئين ٽيسٽ جو هيرو پربت جي سوريا 174 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون ورتيون، اسيٿا فرنينڊو ۽ وشوا فرنينڊو ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪري پويلين جو رستو ڏيکاريو. آئرلينڊ 2017 ۾ ٽيسٽ ٽيم جو درجو حاصل ڪيو ۽ هن وقت تائين سڀئي پنج ميچون هارائي چڪو آهي. آئرش ٽيم جو اڳوڻو سڀ کان وڏو ٽيسٽ اسڪور 339 هو جيڪو هن پاڪستان خلاف 2018 ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ ٺاهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button