پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد جي شاگردياڻي فيصل آباد ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد جي وارڊ نمبر 5 گلن ڪالوني مان ڏيڍ مھينو اڳ اٺين ڪلاس ۾ پڙھندڙ شاگردياڻي ملائيڪا مغل جي مبينا طور گھران نڪرڻ بعد سندس والد شفيق مغل مھيني بعد ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڌي ملائيڪا مغل کي سندس ڀائيٽو سھيل مغل هٿيارن جي زور تي ساٿين سان گڏ ڪار ۾ اغوا ڪري ويو آهي. پوليس نبي سر ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار ارشد مغل کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جوابدار ڌر خلاف پوليس ڪاروائي بعد شاگردياڻي ملائيڪا ڌي شفيق مغل جو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مرضي سان گھران نڪري محمد سھيل سان فيصل آباد ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي. پنھنجي مائٽن ۽ ٽيوشن پڙھائيندڙ ٽيچر نارائڻ داس ميگهواڙ تنگ ڪندا هئا، ان ڪري گهران نڪتيس. هوڏانهن شاگردياڻي جي والد شفيق مغل ۽ والده رضيه مغل وڊيو بيان رد ڪندي چيو آهي ته اھو بيان ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد ملائيڪا کان اسان خلاف ڏياريو آھي. ھوڏانھن ايس ايڇ او ٻڌايو ته شفيق مغل جي اچڻ بعد سندس فرياد تي پنج جوابدارن فريادي جي ڀائيٽي سھيل مغل، ارشد مغل، علي، راجع پنجابي ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، هڪ جوابدار ارشد مغل کي گرفتار ڪيو آهي، سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي ته ملائيڪا مغل فيصل آباد ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button