پاڪستانسنڌ

چيلھار جي رهواسڻ گڏي ڪولهي کي ڌمڪيون، اغوا ڪيس داخل

چيلهار: چيلهار ڀرسان ڳوٺ هرپار جي رهواسڻ گڏي ڪولهي وڊيو بيان جاري ڪندي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. هن بيان ۾ دانهيندي چيو ته رستم جوڻيجو ۽ سندس برادري جا بااثر ۽ سهولتڪار مقامي پٽيل اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ مختلف قسمن جون آڇون ڪن پيا، اسان کي رستم ۽ سندس ساٿين مان خطرو آهي، اهي مختلف طريقن سان اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن. گڏي ڪولهي ٻڌايو ته آئون پنهنجي مائٽن ۾ خوش آهيان، رستم جوڻيجو ۽ سندس مون تي سون ۽ روڪ رقم چوري ڪرڻ جا الزام مڙهي رهيا آهن، جيڪي ڪوڙا الزام آهن. جوابدار رستم جوڻيجو منهنجي ما سيتا ڪولهي کي چيو ته 20 هزار روڪ رقم ۽ اڌ مڻ اٽو وٺي ڏيون ٿا، گڏي اسان جي حوالي ڪر، نه ته سٺو نه ٿيندو. گڏي ڪولهي جي ما سيتا ڪولهي ۽ ڀا وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، بااثرن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. گڏي ڪولهي مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي مٺي ٿاڻي تي گڏي ڪولهي جي ما سيتا ڪولهي جي فرياد تي ٽن ڄڻن گڏي کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽرائي پرڻو ڪندڙ جوابدار رستم جوڻيجو، ڪامران ۽ قاسم تي گڏي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button