پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، سمورو سامان سڙي رک

چيلهار : چيلهار جي نيو آباد ڪالوني ۾ پورهيت مڪيش لوهار جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب سمورو سامان سڙي ويو. پورهيت مڪيش لوهار ٻڌايو ته ٻه چونئرا سڙي ويا، گهر ۾ بيٺل موٽرسائيڪل، هنڌ بسترا، اناج ۽ ٻيو سامان به سڙي ويو، چيلهار ٽائون ڪميٽي جي فائربرگيڊ گاڏي باهه تي ضابطو آندو، هاڻ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيان. هن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button