پاڪستانسنڌ

ڇاڇري لڳ ٻن ڀائرن سميت 10 پورهيتن جي گهرن کي باهه، لکن جو نقصان

ڇاڇرو: ڇاڇري لڳ رڌپچا دوران ٻن ڀائرن سميت 10 پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب لکين رپين جو سامان سڙي ويو. ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ رتن جو تڙ ۾ رڌپچا دوران اوچتو گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. عورتون ۽ ٻار دانهون ڪندا جانيون بچائي ٻاهر نڪتا. باهه سبب سميجا برادري جي پورهيتن مجيب الرحمان پٽ محمد خان، قاضي پٽ عبدالرئوف، حبيب الرحمان پٽ محمد خان، لياقت علي پٽ محمد خان، قبول پٽ صمد، حاڪم پٽ صمد، خميسو خان پٽ الياس، عطا الرحمان پٽ خميسو خان ۽ صمد پٽ اسماعيل سميت 10 پورهيتن جي گهرن جا 25 ڪکاوان چوئنرا ۽ 9 ڪچيون ڪکائون لانڊيون سڙي ويون. گهرن ۾ پيل ٻن نياڻين جو ڏاج، کٽون بسترا، ڪپڙا زيور، روڪ رقم، اناج ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو، چوپايو مال به سڙي مري ويو. اطلاع باوجود ڇاڇري مان فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي، معلوم ٿيو آهي ته فائربرگيڊ گاڏيون خراب بيٺل آهن، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائي. گهر سڙڻ بعد متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button